”واپس نه وينداسين، قانون ڪجهه چيو ته ڏسي وٺبو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت جي ڏنل ڊيڊ لائن تي غيرقانوني افغانين جو چوڻ آهي ته هو واپس نه ويندا هنن جو هتي ٺاهوڪو ڪاروبار آهي ۽ هو ان کي ڇڏي ڪڏهن نه ويندا، جڏهن کين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪجهه چيو ته پوءِ ڏٺو ويندو ته ڇا ڪرڻو آهي.

واپس وڃڻ واري سوال دوران ڪنهن به افغاني وٽ پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ به نه هو.

افغانستان مان آيل قانوني توڻي غيرقانوني آيل ماڻهن جو هتي وڏي پئماني تي ڪاروبار آهي، هي نه رڳو لنڊا بازارن، ٽينڪرز، ٽرانسپورٽ تي قابض آهن پر وڏن وڏن پلازا کي خريد ڪري وڪرو ڪن ٿا، ۽ چون ٿا ته هو پنهنجو

ڪاروبار ڇڏي نه ويندا.

ذريعن موجب لنڊا بازارن ۾ جڏهن افغانين کان اهو پڇيو ويو ته هو حڪومت جي اعلان تي ڇا ڪندا ته هنن چيو ته کين ڪنهن به ناهي چيو ته واپس وڃو ۽ هو پاڪستاني آهن واپس نه ويندا پر هنن پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نه ڏيکاريو.

غيرقانوني افغانين جو چوڻ هو ته جڏهن کين ڪجهه چيو ته پوءِ ڏٺو ويندو ته ڇا ڪرڻو آهي، حڪومت کي هڪ مهينو نه پر هڪ سال جي مهلت ڏيڻ گهرجي ها.

اهڙا سوال راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل افغانين کان ڪيا ويا آهن پر سنڌ جي دل ڪراچي ۾ به ساڳي صورتحال آهي، صدر بازار، ايمپريس مارڪيٽ کان ويندي ٽاور تائين افغانين جو ڪاروبار آهي ۽ ريڙهي کان ويندي پلازا تائين، ايتري قدر جو شاپنگ مالز ۾ به افغانين جا ڪپڙن جا دڪان ۽ جوتن جا دڪان کلي ويا آهن.

مجموعي طور تي افغانين پاران واپس وڃڻ جو ناهي سوچيو ويو پر حڪومت چوي ٿي ته هو انهن کي واپس موڪليندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.