ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر شاهد خان آفريدي چيو آهي ته انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) ڀارتي ڪرڪيٽ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
ورلڊ ڪپ دوران نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪرڪيٽ جو معيار تبديل ٿي چڪو آهي ۽ ڀارت جي آبادي ڏيڍ ارب آهي، پهريان چيو ويندو هو ته بيٽر ڀارت ۽ بالر پاڪستان بالر بيٽر ٻئي پيدا ڪندو رهيو آهي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته ڀارتي بالرن هاڻي گوشت کائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ٿورو چست ٿي ويا آهن ۽ مٿان وري آءِ پي ايل ڀارت جي ڪرڪيٽ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته گنگولي کانپوءِ ڌونيءَ سينيئر رانديگرن کي سڄي طريقي سان هلايو، ڌونيءَ جي ڪپتاني ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ جي کيڏڻ جو انداز بدليو ۽ هن ٽيم کي کٽڻ سيکاريو.
شاهد آفريدي چيو ته آءِ پي ايل ۽ ڀارتي علائقائي ڪرڪيٽ ذريعي تمام گهڻو ٽيلينٽ سامهون آيو ڀارت صحيح جڳهه تي سيڙپڪاري ڪئي.
اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان چيو ته بي سي سي آءِ راهول ڊريوڊ جهڙي وڏي رانديگر کي هيٺ آڻي علائقائي ڪرڪيٽ جي ذميواريون کيس سونپي وئي.
هن چيو ته راهول کي ڄاڻ هئي ته هڪ وڏي رانديگر کي شروع کان ڪهڙين شين جي گهرج هوندي آهي، ائين چئجي ته ڀارت ڪم ڪيو، سيڙپڪاري ڪئي ۽ هاڻ سندن هڪ هڪ باصلاحيت نوجوان سامهون اچي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ذڪاءَ اشرف کان درخواست ڪئي ته اوهان چيئرمين شپ دوران اهڙا ڪم ڪري جڏهن هو وڃي ته سندس نالو ياد رکيو وڃي، مٿين معيار ڇڏيو، گراس روٽ ليول تي ڪم ڪري ته جيئن نئون ٽيلينٽ سامهون آڻي سگهجي.