سعودي ۾ پاڪستانين سميت ٻين لاءِ نئين پاليسي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ سياحن لاءِ هيلٿ انشورنس پاليسي جي وڌ ۾ وڌ حد 100,000 ريال هوندي.

سعودي اخبار ”اعقاز“ موجب سعودي هيلٿ انشورنس ڪائونسل پرڏيهي سياحن جي حوالي سان هيلٿ پاليسي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.

انشورنس پاليسي دستاويزن موجب پرڏيهي سياحن کي صحت جون مختلف سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جن جي ڪل وڌ ۾ وڌ حد هڪ لک ريال هوندي.

پاليسي موجب هاڻي رڳو هيلٿ انشورنس تحت سياحن کي ايمرجنسي سروس فراهم ڪئي ويندي.

هيلٿ انشورنس ڪائونسل موجب، صحت جي سنڀال ۾ ايمرجنسي خدمتن ۾ طبي معائنو، چڪاس، علاج، دوائون ۽ ڊليوري شامل آهن.

هنگامي حالتن ۾ ڏندن جو علاج به شامل هوندو. ڏندن جي صفائي، ايئر ايمبولينس، ڊليوري، ٽرئفڪ حادثا، ايمرجنسي ڊائليسز ۽ وطن واپسي شامل آهن.

ياد رهي ته پرڏيهي سياحن لاءِ هيلٿ انشورنس ويزا جاري ٿيڻ جي تاريخ کان لاڳو ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.