ورلڊ ڪپ: افغانستان خلاف ميچ کان اڳ ڀارتي مداحن لاءِ بُري خبر

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي ٻي ميچ ۾ به ڀارتي اوپنر شُڀمَن گِل جي ميچ نه کيڏڻ جو امڪان آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، افغانستان خلاف ميچ ۾ به ڀارتي اوپنر جي نه کيڏڻ جو امڪان آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شُڀمَن گِل جي صحت ۾ هوريان هوريان بهتري اچي رهي آهي ۽ هو ٽيم سان گڏ چنائي کان دهلي جو سفر ڪندو، افغانستان خلاف ميچ ۾ به کيس وڌيڪ آرام ڏيڻ جو امڪان آهي.

ياد رهي ته ڊينگي بخار سبب شُڀمَن گِل آسٽريليا خلاف پهرين ميچ نه کيڏي سگهيو هو.

ڀارت ۽ افغانستان وچ ۾ ميچ يارنهن آڪٽوبر تي دهلي ۾ شيڊيولڊ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.