اڳوڻن ڪرڪيٽرن چنائي ۾ پاڪ-افغانستان ميچ کان اڳ خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر به ڀارت جي چنائي اسٽيڊيم جي وڪيٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو.

محمد عامر، عبدالرزاق ۽ عماد وسيم سان گڏ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، ڪرڪيٽرن ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ميچ تي دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا.

عبدالرزاق چيو ته چنائي جي وڪيٽ جنهن نموني تيار ڪئي وئي، اِهو صحيح نه آهي، ٽورنامينٽ آءِ سي سي جي آهي پر ڀارت پنهنجي مرضيءَ سان پچون ٺاهي رهيو آهي، ڀارت کي پِچ جو اندازو هو، انڪري ميزبان ٽيم ٽي اسپنر کيڏيا ۽ اسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو غلط فيصلو ڪيو.

هن چيو ته آسٽريليا اُهو ڪيو جيڪو ڀارت چاهي پيو، پاڪستان ۽ افغانستان به چنائي ۾ آهي انڪري گرين شرٽس کي مشورو آهي ته ميچ واري ڏينهن جيڪڏهن ٽاس کٽي ته پهريان فيلڊنگ ڪري.

ٻئي پاسي محمد عامر چيو ته وڪيٽ تيار ڪرڻ وارن کي ويهه توپن جي سلامي ڏيڻ گهرجي.

اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته آسٽريلوي ٽيم به سمجهه کان ٻاهر فيصلا ڪيا، ٽاس کٽڻ باوجود بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڇو ڪيو ويو؟ جيڪڏهن ڪينگروز پهريان بالنگ ڪري ها ته ميچ جو نتيجو مختلف به ٿي پئي سگهيو.

ياد رهي ته ڀارت عالمي ڪپ جي پنجين ميچ ۾ ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول جي ذميواراڻي بيٽنگ جي مدد سان آسٽريليا کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ مشن جي شروعات فتح سان ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.