پاڪستان ۽ سريلنڪا کي پريڪٽس جي اجازت ڇو نه ملي؟ سبب سامهون اچي ويو

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ٽيمون ڏهه آڪٽوبر تي پنهنجي ٻي ميچ ۾ هڪٻئي خلاف ميدان تي لهنديون.

سريلنڪا ۽ پاڪستان جون ٽيمون اڄ راجيو گانڌي اسٽيڊيم بدران سڪندر آباد جي جِم خانا گرائونڊ ۾ پريڪٽس ڪنديون، اِهو فيصلو آءِ سي سي ۽ بي سي سي آءِ اڄ راجيو گانڌي اسٽيڊيم۾ نيوزيلينڊ ۽ نيڌرلينڊز وچ ۾ ميچ سبب ڪيو آهي.

ورلڊ ڪپ ميچ سبب  رانديگرن کي ميدان تائين پهچ حاصل نه هوندي ۽ ٻنهي ٽيمن جي لاءِ نيٽ به دستياب نه هوندي، انڪري ٽيمن جي پريڪٽس لاءِ الڳ هنڌ جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

رپورٽن موجب، سريلنڪا صبح 10 وڳي کان منجهند هڪ وڳي جي وچ ڌاران جِم خانا گرائوينڊ ۾ پريڪٽس ڪندي، جنهن کانپوءِ بابر اعظم جي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم منجهند ٻه وڳي کان شام پنج وڳي تائين ٽريننگ ڪندي.

ميچ کان هڪ ڏينهن اڳ ڪپتانن کي پِچ ڏسڻ جو موقعو نه ملي سگهندو، داشن شاناڪا ۽ بابر اعظم سڀاڻي صبح ميچ کان اڳ پِچ ڏسي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.