رات جو ننڊ نه اچڻ ڪهڙي بيماري جي نشاني آهي؟

ڇا اوهان کي اڪثر رات جو سمهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي يا بي خوابي جو شڪار رهندا آهيو؟

ته اها هاءِ بلڊ پريشر مان متاثر ٿيڻ جي نشاني ٿي سگھي ٿي.

اها تنبيهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي حقيق ۾ سامهون آئي.

بريگھم اينڊ وومينز هاسپيٽل جي ان تحقيق ۾ 25 کان 42 ورهين جي عمر جي 66 هزار کان وڌيڪ عورتن جي صحت جو جائزو 16 سالن تائين ورتو ويو.

تحقيق دوران بلڊ پريشر جو خطرو وڌائيندڙ عنصرن ۽ طرز زندگي کي نظر ۾ رکيو ويو ۽ نتيجن مان خبر پئي ته اڻپوري ننڊ يا بي خوابي ۽ بلڊ پريشر جي سڃاڻپ وچ ۾ واسطو موجود آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته هر رات 5 ڪلاڪن کان گھٽ سمهندڙ ماڻهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 10 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي.

اهڙي طرح 7 ڪلاڪن کان گھٽ ننڊ جي عادي ماڻهن ۾ ان خاموش قاتل مرض جو خطرو 7 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.

پر گھڻي دير سان ننڊ ڪندڙ ماڻهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو ناهي وڌندو.

تحقيق ۾ اهو به دريافت ڪيو ويو ته جن ماڻهن کي سمهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي، انهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر جي سڃاڻپ جو خطرو ٻين جي ڀيٽ ۾ 14 کان 28 سيڪڙو تائين وڌيڪ هوندو آهي.

تحقيق ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته ننڊ جي کوٽ يا بي خوابي جو سبب هاءِ بلڊ پريشر جو خطرو ڇو وڌندوآهي.

محققن ٻڌايو ته ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي پر اسان جي خيال ۾ ننڊ جي مسئلن سان جسم ۾ سوڊيم جو مقدار وڌندو آهي، شريانيون اڪڙجي وينديون آهن ۽ دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويندو آهي، اهي ٽئي عنصر هاءِ بلڊ پريشر جو سبب بڻبا آهن.

هنن وڌيڪ ٻڌايو ته سمهڻ ۽ جاڳڻ جا معمول متاثر ٿيڻ سان رت جي رواني به متاثر ٿيندي آهي جنهن سان به بلڊ پريشر جو خطرو وڌندو آهي.

تحقيق ۾ اهو به دريافت ڪيو ويو ته بي خوابي جو شڪار ماڻهن جو جسماني وزن به وڌندو آهي، جسماني سرگرميون گھٽجي وينديون آهن، ناقص خوراڪ جو استعمال ڪندا آهن ۽ سگريٽ ڇڪيندا آهن.

اهي سڀ عنصر به هاءِ بلڊ پريشر سان سلهاڙيل هوندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.