ڪراچي: شادي ۾ گھوريل نوٽ ميڙيندي ٻارڙو گاڏي هيٺان اچي فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ نوٽ پڪڙڻ جي ڪوشش دوران ٻار گاڏي هيٺان اچي ويو.
اورنگي يعقوب آباد ۾ شادي جي تقريب ۾ ماڻهو نوٽ اڏائي رهيا هئا، پوليس موجب نوٽ پڪڙڻ جي ڪوشش ۾ 7 ورهين جو مزمل گاڏي هيٺان اچي فوت ٿي ويو.
پوليس واقعي کانپوءِ اتان ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته شادي جي تقريب ۾ گاڏي ڪرائي تي گهرائي وئي هئي، جنهن جو ڊرائيور فرار ٿي ويو.
پوليس ٻڌايو ته قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ مزمل جو مڙهه عباسي شهيد اسپتال نيو ويو، جڏهن ته وارثن جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.