ڪراچي/ٺٽو(رپورٽ: جي ايم کوکر+منصور جلالاڻي) مڪاني کاتي ميرپور ساڪرو جي آفيسر عبدالڪريم ڪنڀار جيڪوگريڊ 16 ۾ ڪائونسل ملازم ٽيڪسيشن آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي ان پنهنجي سرڪاري عهدي جو غلط استعمال ڪندي سرڪاري گاڏي ۾ منشِيات وڪرو ڪرڻ جو ڌنڌو ڪيو جنهن تي سڳ سوڌو پڪڙڻ ۽ مٿس ايف آئي آر داخل ڪرڻ کانپوءُ کاتي طرفان قانوني ڪاروائي ڪندي کئس نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي مڪاني کاتي بورڊ طرفان جاري نوٽس ۾ ڄاڻا ويو آهي ته لاڳاپيل آفيسرن غير قانوني طور سرڪاري گاڏي GSD-767 کي منشيات جي اسمگلنگ ۾ استعمال ڪئي،ان حوالي سان منشيات اسمگلنگ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ پوليس اسٽيشن ميرپور ساڪرو ضلعي ٺٽي ۾ داخل ايف آءِ آر نمبر 135/2023 داخل ڪئي وئي آهي جڏهن نوٽس ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ايل جي) لوڪل گورنمينٽ اينڊ هائوسنگ ٽائون پلاننگ ڊپارٽمينٽ، جي او ايس، ڪراچي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي جنهن کي معاملي جانچ ڪري 05 ڏينهن اندر رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي.ايس ايڇ او ميرپورساڪرو انسپيڪٽر مظھر علي سومرو پوليس عملي سان گڏ سنيپ چيڪينگ دوران ميرپورساڪري لڳ ٽانڪاڻي اسٽاپ وٽ ڪاروائي ڪندي سرڪاري نمبر پليٽ واري ڪلٽس ڪار نمبر GSD 767 کي روڪي چيڪينگ دوران سرڪاري ڪار مان پوليس کي 6640 پيڪٽ انڊين سفينا ۽ وڏي تعداد ۾ گٽڪو مائو برامد ڪري 2 منشيات فروشن ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي ٽيڪسيشن آفيسر عبدالڪريم ڪنڀار ۽ سندس ساٿي عبدالغني ڪنڀار کي گرفتار ڪري سرڪاري ڪار کي تحويل ۾ وٺي گرفتار منشيات فروشن خلاف ميرپور ساڪرو ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ساڪرو پوليس ڪيس داخل ڪري گرفتار جوابدارن کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آھي، ٻئي طرف ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي چيو آهي ته گرفتار ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي ٽيڪسيشن آفيسر عبدالڪريم ڪنڀار ۽ سندس ساٿي عبدالغني ڪنڀار کان وڏي تعداد ۾ سفينا چورو ۽ ٻئي منشيات هٿ ڪئي آهي،