جيڪب آباد(رپورٽ: حضور بخش سومرو)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيڪب آباد پھچي مرحوم سردار منظور خان پنهور جي وفات تي سندس پٽ اورنگزيب پنھور اڪرم ابڙو جي وفات تي سندس ڀاءُ اسلم ابڙو جڏھن ته ممتاز خان جکراڻي سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي پارٽي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪئي متاثرن کي پنھنجا گھر فراهم ڪري شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو خواب پورو ڪيو آھي ، ھن چيو ته حڪومت ۾ جيڪو ٿي سگھيو اسان فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام لاءِ آواز اٿاريو جيڪي به جمھوريت پسند سياستدان آھن اھي اليڪشن جي حمايت ڪندا اليڪشن سان عوامي نمائندا اقتدار ۾ايندا ھڪ سوال جي جواب ۾ھن چيو ته منھنجي خيال م مولانا فضل الرحمان اليڪشن جي مخالفت نه ڪندو پيپلزپارٽي ميان نوازشريف جي واپس اچڻ سان خوش آھي پر ن ليگ جي اها تياري نظر نه پئي اچي ھڪ سول جي جواب ۾ ھن چيو ته پ پ اليڪشن ۾ڪنھن به جماعت سان اتحاد ناھي ڪيو اگر جنوري ۾ اليڪشن نه ٿي ته اسان سڀ ذميوار آهيون نگران حڪومت عوام کي ڪجھ به ڏيئي نه سگھندي صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي ھن چيو ته پيپلزپارٽي پارٽي مھانگائي خلاف ٽريڪٽر مارچ ڪيو ھو پر ھاڻي اسان وٽ ٽريڪٽر ڪونه آھن ھن چيو ته پي ٽي آئي سان ان وقت تائين اتحاد نه ٿيندو جيستائين 9 مئي واري ڪيسن مان آزاد ٿي وڃي،هن چيو ته پيٽرول ايترو مهانگو ٿي ويو آهي جو هاڻي اسان به برداشت نٿا ڪري سگهون، مهانگائي عوام لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو آهي،