دنيا جي حفاظت ڪندڙ ”اوزون“ تهه ۾ پيل گھارو ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويو

پيرس (ويب ڊيسڪ) جيئن اينٽارڪٽيڪا جي چوڌاري سامونڊي برف هر سال گھٽجندي ۽ وڌندي ويندي آهي، ائين ئي کنڊ جي مٿان اوزون تهه ۾ پيل گھارو به گھٽجندو ۽ وڌندو آهي ۽ هلندڙ سال اهو گھڻو وڌي ويو آهي.

يورپي خلائي ايجنسي (اي ايس اي) جي Copernicus Sentinel-5P سيٽلائيٽ جي مشاهدن مان خبر پئي آهي ته 16 سيپٽمبر 2023ع تي اوزون جو سوراخ تقريبن 10 ملين چورس ميل (26 ملين چورس ڪلوميٽرز) تائين پهچي ويو آهي جيڪو هيل تائين سڀ کان وڏي موسمي گھاري مان هڪ نظر اچي رهيو آهي.

اوزون قدرتي طور تي پيدا ٿيندڙ گيس آهي ۽ ان جو هڪ تهه اسٽراٽاسفيئر ۾ آهي جيڪو سج جي الٽرا وائلٽ شعاعن کان زمين کي بچائيندو آهي. 1958 ۾ انٽارڪٽيڪا جي مٿان اوزون جي تهه ۾ هڪ گھارو دريافت ٿيو هو جيڪو انساني استعمال ۾ ڪاربن کي ختم ڪندڙ مادن سبب ٿيو هو. جنهن کان پوءِ اي ايس اي اهڙن مادن جي استعمال تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي. ان کان پوءِ سڄي دنيا جا سائنسدان گھاري جي سائيز جي نگراني ڪري رهيا آهن.

ڪوپرنيڪس ايٽموسفيئر مانيٽرنگ سروس جي سينيئر سائنسدان اينٽجي اينيس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اوزون جو گھارو اڃا به وڌندو ۽ گھٽبو آهي. پر گرمي پد جي تبديلين ۽ اسٽراٽاسفيئر ۾ هوا جي دٻاءَ سبب اهو وچ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ گھڻو وڌي ويو آهي.

هن چيو ته اسان جي آپريشنل اوزون مانيٽرنگ ۽ ان سان سلهاڙيل اڳڪٿي مان خبر پوي ٿي ته 2023ع جون اوزون گھارو شروعاتي طور تي شروع ٿيو ۽ آگسٽ جي وچ کان تيز سان وڌي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.