پي آءِ اي جهاز جو لينڊنگ دوران ٽائر ڦاٽي پيو، وڏي حادثي جا افواهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي جده کان ملتان ويندڙ اڏام جو لينڊنگ دوران ٽائر ڦاٽي پيو.

مقامي ميڊيا موجب جمعي جي ڏينهن ملتان ايئرپورٽ تي جهاز جو ٽائر برسٽ ٿيو.

پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفيظ واضح ڪيو ته جده کان ملتان ايندڙ جهاز سان ڪو حادثو پيش نه آيو.

هن وڌيڪ چيو ته مقامي ميڊيا ۾ پي آءِ اي جي جهاز کي ملتان ۾ حادثو پيش اچڻ جون خبرون بي بنياد آهن.

هن تصديق ڪئي ته ‘لينڊنگ دوران جهاز جو هڪ ٽائر پنڪچر ٿي ويو ۽ اهو اڪثر ٿيندو آهي ۽ مسئلو ناهي.

پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته لينڊنگ دوران بوئنگ 777 جهاز جو ٽائر خراب ٿي ويو، جنهن بعد جهاز کي ملتان ايئرپورٽ تي گرائونڊ ڪيو ويو.

هن چيو ته بوئنگ 777 جهاز جو ٽائر لاهور کان ملتان تائين پهچايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.