”21 آڪٽوبر تي ايندڙ 21 توپن جي سلامي جو طلبگار آهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 21 آڪٽوبر تي پاڪستان ايندڙ مهمان 21 توپن جي سلامي جو طلبگار آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اهڙي قيادت جو منتظر رهيو، جيڪا ملڪي مفادن کي ترجيح ڏئي، اسان جي پارٽي هن ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ منظم آهي.
هن چيو ته اسان پنهنجي سياسي قوت جو مظاهرو ڪنداسين، 13 آڪٽوبر کان عوامي رابطا مهم طور جلسو ڪري رهيا آهيون، هر جلسي ۾ ايندڙ جلسي جو اعلان ڪيو ويندو، ن ليگ جا شو ڏسي چڪا آهيون، انهن سان جيڪو ٿيو سڀني کي خبر پئجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.