رات جو هيڊ جو کير پيئڻ جا پنج فائدا

ڪراچي (ويب ديسڪ) رات جي وقت هيڊ جو کير پيئڻ جا ڪيترائي فائدا آهن، هيڊ جو کير صدين کان ثقافتن ۾ هڪ مقبول روايتي علاج رهيو آهي.

ڪرڪوما لونگا ٻوٽي مان حاصل ٿيندڙ هيڊ ۾ ڪرڪومين هوندو آهي جيڪو مختلف صحت جي فائدن لاءِ بهترين مرڪب آهي.

هيد جو کير باقادگي سان استعمال ڪرڻ سان جسم ۾ سوڄ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

هيد جي کير ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ اينٽي مائيڪرو بائيل خاصيتون هونديون آهن جيڪي مدافعتي نظام کي وڌائڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون.

هيد جو کير صحتمند هاضمي کي هٿي ڏئي ٿو، هي نظام هاضمي کي آرام ڏيڻ، سوڄ ۽ گيس کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.

هيڊ جون اينٽي انفليمينٽري خاصيتون مدافعتي نظام کي وڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.

ننڊ لاءِ هيڊ جو کير اڪثر تجويز ڪيو ويندو آهي، هيڊ آرام ڏيندڙ خاصيتن سان گڏوگڏ بهتر ننڊ لاءِ مدد ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.