ڊبلن (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان پيسن کانسواءِ زندگي گزاري سگهو ٿا؟ ڇا اوهان ڪنهن اهڙي انسان کي ڏٺو آهي
جيڪو ڊگهو وقت بنا پيسي جي رهي سگهيو هجي؟ آئرليند جو هڪ شهري اهڙو آهي جيڪو گذريل 15 سالن کان
بنا پيسي زندگي گزاري رهيو آهي.
آئرلينڊ جو (بنا پيسي وارو) شخص ان ئي نالي سان مشهور آهي، سندس نالو مارڪ بوائل آهي جيڪو 2008 کان
پيسا استعمال ناهي ڪندو، سندس دعويٰ آهي ته هو تڏهن کان پيسن کان پاڪ زندگي گزاري رهيو آهي.
پيسن کانسواءِ زندگي گذارڻ جي حيران ڪندڙ ڳالهه اها به آهي ته مارڪ بوائل ڊگهي وقت کان ٽيڪنالاجي کان به پري آهي ۽ هو اڪثر وقت فطرت جي ويجهو رهڻ ۽ فطري گزارڻ پسند ڪري ٿو.