ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز آپريشن، غير قانوني افغانين جي هر صورت ۾ واپسي جو فيصلو:اپيڪس ڪميٽي

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ ايپيڪس ڪميٽي ڪراچي ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغانين کي واپس اُماڻڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن جاري رکڻ جو به فيصلو ڪيو ويو اهي. ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ نگران وڏي وزير مقبول باقر سان گڏ آرمي چيف جنرل  عاصم منير شرڪت ڪئي، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز سوڌو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا سربراهه به شريڪ ٿيا. آءِ جي سنڌ پاران سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، غيرقانوني طور ترسيل افغانين خلاف آپريشن بابت رپورٽ به پيش ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سمورن لاڳاپيل کاتن ۾ سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سوڌو ٻيا سرڪاري ادارا غيرقانوني سرگرمين خلاف ڪارروائيون جاري رکن. اجلاس ۾ چيو ويو ته رياستي ادارا، سرڪاري کاتا ۽ عوام صوبي جي ترقي لاءِ متحد آهن، آرمي چيف کي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي .ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران نيشنل ايڪشن پلان، سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن، سي پيڪ رٿائن تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي شهرين جي حفاظت، غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي، غير مُلڪي ڪرنسي کي ريگولرائز ڪرڻ معاملن تي غور ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.