تعليم کانسواءِ ترقي ممڪن ئي ناهي، سرڪاري اسڪول تباهه آهن: مدد علي سنڌي

حيدرآباد/ ڄامشورو (نمائندن وٽان) تعليم واري کاتي جي نگران وفاقي وزير ۽ نامياري اديب مدد علي سنڌي چيو آهي ته حيدرآباد پريس ڪلب منهنجو ٻيو گهر آهي، جواني اخبارن جي بند ڪمرن ۾ گذري،  جواني جا ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ گذريا. سنڌ نيوز ۾ تلخ ڏينهن گذريا، صحافين جي زندگي تبديل نه ٿي آهي، صحافت ۾ محنت جي اُجرت نٿي ملي، سنڌ نيوز اخبار نرسري هئي، هن چيو ته اسان تعليم جي ميدان ۾ ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا، 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن حوالي آهي، سرڪاري اسڪول هاڻ ترجيحات ۾ نه رهيا آهن، خانگي اسڪولن ۾ ٻار نٿا پڙهائي سگهون، فيسون تمام گهڻيون ڳريون آهن، سرڪاري اسڪول تباهه آهن، حالت بهتر ڪرڻ لاءِ چئو ته چيو وڃي ٿو ته فنڊ ناهن، حيدرآباد ۾ صحافين سان ملاقات ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ اداري ۾ وائيس چانسلر جي پوسٽ ختم ڪئي آهي، سنڌ يونيورسٽي ۾ سائنس ۾ ڪيترن نوجوانن پي ايڇ ڊي ڪئي آهي اهو ته ٻڌايو وڃي، هن انڪشاف ڪيو ته هڪ نوجوان ليکڪ جو ڪتاب جو ترجمو ڪري پنهنجي ٿيسز نالي تي جمع ڪرائي نوڪري ورتي آهي، ان جي هاڻ نوڪري هلي ويندي، هيڪ ۽ نيسٽ کي چيو آهي تھ اسڪالر جو طريقيڪار ٻڌائين، سنڌ يونيورسٽي کي 15 ملين ملي چڪا آهن، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وفاقي حڪومت جي نشينل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ (نيسٽ) تحت سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ شهيد الله بخش يونيورسٽيءَ جي ذهين شاگردياڻين کي اسڪالرشپ جا چيڪ ڏيڻ جي سلسلي ۾ تقريب منعقد ٿي، خاص مهمان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت بابت وفاقي وزير مدد علي سنڌي هو، تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي وي سي سر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته وفاقي وزير مدد علي سنڌي مادر علميءَ جو گريجوئيٽ آهي، جيڪو ليکڪ هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جو وڏو دانشور پڻ آهي، وفاقي وزير مدد علي سنڌيءَ چيو ته هو 45 سال اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. مادر علميءَ سان سندس خوبصورت يادون جڙيل آهن. هو انٽرنيشنل هاسٽل ۾ رهندو هو، هن چيو ته وزير طور حلف کڻڻ بعد هن ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي وي سيز جو اجلاس گهرايو ۽ سندن يونيورسٽين جا مسئلا ٻڌا، 16 آڪٽوبر تي هن اسلام آباد ۾ چئني صوبن جي تعليم وارن وزيرن جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن جي ايجنڊا ٻن اسمن تي مشتمل آهي ته چئني صوبن ۾ جيڪي لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن جي پڙهائيءَ جو بندوبست ڪيئن ڪجي ۽ صوبن ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن اندر تعليم کي ڪيئن بهتر بڻائجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.