هنگزو ( ويب ڊيسڪ ) 19 هين ايشين گيمز جي سيمي فائنل ۾ افغانستان پاڪستان کي چئن وڪيٽن هارائي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
هنگزو ۾ ٿيل ۾ ايشين گيمز جي سيمي فائنل ۾ افغانستان پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان ٽيم افغانستان کي وڏو هدف ڏيڻ ۾ ناڪام رهي ۽ سٺي ٽيم 115 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان طرفان عمير بن يوسف 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيو ٻين رانديگرن ۾ عرفات منهاس ۽ عامر جمال 14،14 ۽ وررحيل نذير 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
افغانستان 116 رنسن جو هدف 18 هين اوور ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ان کان اڳ سيمي فائنل ۾ ڀارت بنگلاديش خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، ايشين گيمز جي ڪرڪيٽ مقابلن جو فائنل افغانستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو.