اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي ٻارنهن ورهين کانپوءِ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر جي ميزباني ملي وئي.
فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2026ع لاءِ ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن اسلام آباد ۾ ميچ جو گرين سنگل ڏئي ڇڏيو.
پاڪستان ڪمبوڊيا ميچ اسلام آباد جي جناح اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
ٻئي پاسي پاڪستان فٽبال فيڊريشن برازيلين گول ڪيپنگ ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن.
برازيل جي راجيريوراموس ڪمبوڊيا ۾ پاڪستان ٽيم کي جوائن ڪندو.
ياد رهي ته پاڪستان کي عالمي ڪپ ڪواليفائر ۾ هوم ميچ 17 آڪٽوبر تي ڪمبوڊيا خلاف کيڏڻي آهي.