عظيم سچن ٽنڊولڪر جي ورلڊ ڪپ سيمي فائنلسٽ ٽيمن بابت اڳڪٿي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ لٽل ماسٽر سچن ٽنڊولڪر آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي حوالي سان پنهنجي سيمي فائنلسٽ ٽيمن بابت ٻڌائي ڇڏيو.

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي باظابطا شروعات ٿي چڪي آهي، گذريل ڏينهن کيڏيل ميچ کان اڳ سچن ٽنڊولڪر ٽورنامينٽ جي ٽرافي کڻي گرائونڊ ۾ داخل ٿيو ۽ ٽورنامنيٽ جي شروعات جو اعلان ڪيو.

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي چئن ٽيمن جي حوالي سان ٻڌائيندي چيو ته سندس سيمي فائنلسٽ ٽيمون، ڀارت، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ نيوزلينڊ آهن.

ٽنڊولڪر جو چوڻ هوته ڀارتي ٽيم يقيني طور ٽاپ  فور ۾ جاءِ ٺاهيندي ڇاڪاڻ ته ڀارتي ٽيم بهترين فارم ۾ آهي.

لٽل ماسٽر چيو ته ڀارت جيان آسٽريليا جو توازن به سٺو آهي ۽ منهنجي ٽين ٽيم انگلينڊ آهي ڇو ته انگلش ٽيم به هڪ مضبوط ٽيم آهي، انگلينڊ جي ٽيم تجربي ۽ ڪجهه نون چهرن جو مڪسچر آهي.

اڳوڻي ڀارتي ڪپتان وڌيڪ چيو ته سندس چوٿين ٽيم نيوزيلينڊ آهي جيڪا آخري ٻن ورلڊ ڪپس جا فائنل کيڏي چڪي آهي، نيوزيلينڊ جو ٽريڪ رڪارڊ تمام سٺو آهي ۽ ڪيوي ٽيم ورلڊ چيمپيئن شپ سٺي ڪرڪيٽ کيڏندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.