برائن لارا جي پاڪستان ٽيم کي انوکي درخواست

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) ويسٽ انڊيز جي ليجنڊري ڪرڪيٽر برائن لارا نيڌرلينڊز ميچ کان اڳ پاڪستان ٽيم کي هڪ درخواست ڪئي آهي.

ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم پنهنجي مهم جي شروعات اڄ نيڌرلينڊز خلاف حيدرآباد دکن ۾ شيڊيول ميچ سان ڪندي.

نيڌرلينڊز خلاف پاڪستان جي پهرين ميچ ميچ کان اڳ اڳوڻي ويسٽ انڊيز ليجنڊري برائن لارا پاڪستان ٽيم کي درخواست ڪئي.

اڳوڻي ڪرڪيٽ چيو ته پاڪستان کي نيڌرلينڊز خلاف کٽڻ گهرجي، منهنجي درخواست آهي ته پاڪستان ٽيم نيڌرلينڊز کي آسان مخالف نه سمجهي.

برائن لارا لکيو ته ورلڊ ڪپ ڪواليفائر مقابلن ۾ ڊچ ٽيم پنهنجو ڪلاس ڏيکاريو پر پاڪستان ٽيم کي تجربي ۽ بالنگ اٽيڪ سبب سدائين اهڙين ٽيمن تي سرسي حاصل رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.