ڪي پي ۾ 75 سيڪڙو خودڪش حملن ۾ افغان شهري ملوث آهن: آءِ جي

پشاور(م ڊ) آءِ جي خيبرپختونخواهه اختر حيات خان چيو آهي ته صوبي جي مختلف ضلعن ۾ آپگهاتي بمبارن مان 75 سيڪڙو  جو تعلق افغانستان سان آهي. ٽي وي نيوز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ آءِ جي خيبرپختونخواه اختر حيات خان چيو ته علي مسجد، باڙه، هنگو، باجوڙ ۽ پوليس لائنز جي آپگهاتي بمبارن ۾ به افغان شهري هئا. هن چيو ته هن سال ڀتا خوري جا 76 ڪيس سامهون آيا، ڀتا خوري جا 49 ڪيس ٽريس ڪيا ويا، پشاور جي وڏن واپارين کي ڀتا خوري جون ڪالون ٽريس ڪيون ويون، ڀتا خوري ۾ ملوث مقامي ۽ افغاني ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويو، چترال، مهمند ۽ باجوڙ مان ڀتا خور گرفتار ٿيا. .

ڊالر اگهه ۾ لاٿ، ڇهن مهينن جي هيٺين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر) آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري رهيو. اسٽيٽ بئنڪ موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه هڪ رپيو 6 پئسا گهٽ ٿيو،   جنهن کانپوءِ ڊالر جو اگهه 283 رپيا 62 پئسا ٿي ويو آهي. ڪاروبار جي بندش تي ڊالر پنهنجي بلند ترين سطح کان 23 رپيا 48 پئسا گهٽ آهي ۽ اها ڊالر جي انٽر بئنڪ ۾ 6 مهينن جي گهٽ ترين سطح آهي. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو سستو ٿيڻ کانپوءِ 284 رپين جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.