غيرقانوني طور رھندڙ افغان پناھگيرن کي نيڪالي جو فيصلو

تحرير: حسن جان سومرو

نگران حڪومت پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ يارنهن لک پرڏيهين کي بي دخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته غير قانوني طور ترسيل پرڏيھي توڙي افغان پناھگير دھشتگري ۾ ملوث هجڻ جي ڪري دهشتگردن کي فنڊنگ ۽ سهولتڪاري ڪرڻ ۽ ٻين غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ سبب ملڪي سيڪيورٽي لاءِ چيلينج بڻيل آھن. ھنن جي موجودگي ۾ ملڪ ۾ امن قائم نٿو ٿي سگھي.

پهرين مرحلي ۾ غير قانوني رهائشي، ٻئي مرحلي ۾ افغان شهريت رکندڙ ۽ ٽئين مرحلي ۾ رهواسي ڪارڊ رکندڙن کي ملڪ مان نيڪالي ڏني ويندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غير قانوني طور تي ملڪ ۾ رهندڙ غير ملڪي افغان پناھگير پاڪستان جي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن. غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين کي نيڪالي ڏيڻ جي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي آهي ”جيئن ته دهشتگردن کي فنڊنگ، سهولتڪاري ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث آهن، جڏهن ته 700,000 افغانين پاڪستان ۾ پنهنجي رهائش جا ثبوت رجسٽر نه ڪرايا آهن.

نگران حڪومت پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ 11 لک پرڏيهين کي ملڪ مان ڪڍڻ جو فيصلي جا اھم سبب انهن جي فنڊنگ، دهشتگردن کي سهولتڪاري ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ سبب پهرين مرحلي ۾ غير قانوني رهائشي، ٻئي مرحلي ۾ افغان شهريت رکندڙ ۽ ٽئين مرحلي ۾ رهواسي ڪارڊ رکندڙن کي ملڪ مان ڪڍيو ويندو.

ان حوالي سان مختلف وزارتن سان لاڳاپيل ماڻهن کي هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن ته اهي انھن افغانين جو رڪارڊ گڏ ڪن جيڪي بغير پرمٽ رهن ٿا. ۽ انهن کي افغان سرحد تي آڻڻ لاءِ ٽرانسپورٽ پلان تيار ڪن. رپورٽ ۾ اھا ڳالهھ پڻ واضح ڪئي وئي آھي ته ملڪ ۾ رهندڙ سمورن افغانين جي رڪارڊ کي چيڪ ڪرڻ کان علاوه لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته هو افغانين جي رجسٽريشن جي حوالي سان داخل درخواستن کي جلد حل ڪن.

ماضي ۾ سنڌ جي قومپرست سياست پڻ ان ڳالهھ جي مخالفت ڪندي رھي آھي ته افغان پناھگيرن کي نيڪالي ڏني وڃي. سنڌ ھميشه افغاني پناھگيرن خلاف احتجاج ڪندي رھي آھي ته ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. جنھن موقف کي رياست ڪڏھن به سنجيدگي سان ناھي ورتو ويتر قومپرستن خلاف آپريشن ڪيا ويا ته قومپرستن کي ڌاري آبادڪاري خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوھ ۾ خاموش ڪيو ويو. رياست جيڪو ھاڻي فيصلو ڪيو آھي يا رستو ورتو آھي ان تي سنڌ جي قومپرست سياست ڌارين خلاف ھميشه پنھنجو آواز بلند رکيو آھي، پر سنڌ جي ان آواز کي ڪڏھن به ترجيح جي بنيادن تي ناھي رکيو ويو. ھاڻي رياست جيڪو افغان پناھگيرن خلاف آپريشن ڪيو آھي اھو نھايت اھم فيصلو آھي. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي تازي صورتحال ۽ حڪومتي ايڪشن پلان کان پوءِ افغان پناهگيرن جي گرفتارين ۾ اضافو ٿيو آهي. حڪومت غير قانوني اميگريشن ۽ وڌندڙ ڏوهن تي قابو پائڻ لاءِ مختلف حصن ۾  ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آھي. جيڪو مثبت نتيجا ڏئي سگھي ٿو. معاشي بار کي به گھٽائي سگھي ٿو.

گڏيل قومن جي تازن انگن اکرن موجب، لڳ ڀڳ 1.3 ملين افغان پناهگير آهن جن مان 880,000 کان وڌيڪ پناھگيرن کي پاڪستان ۾ رهڻ جي قانوني حيثيت حاصل آهي. سرڪاري پوليس انگن اکرن موجب حڪومتي اعلان کان پوءِ رڳو ڪراچي ۾ سيپٽمبر مھيني جي شروعات ۾ 700 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. واضح رھي ته اسلام آباد ۽ ڪابل جي نئين طالبان حڪومت جي وچ ۾ تڪرار وڌڻ سبب، معاشي پاليسين کي نظر ۾ رکندي اھو آپريشن شروع ڪيو ويو آھي. جڏهن ته افغان مخالف جذبن جي وڌڻ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته وڌنڌڙ معاشي دٻاءُ ۽ معاشي پاليسين سبب حڪومت حرڪت ۾ آئي آھي. ڇاڪاڻ ته آبادي جو وڌنڌڙ دٻاءُ به ان ڳالھه جو ثبوت آھي ته حڪومتي حڪمت عملي افغانين لاءِ ۽ خطي توڙي ملڪي امن امان نھايت اھميت جوڳو آھي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي جو مقصد صرف غير قانوني پرڏيهن لاءِ آهي.

ڪريڪ ڊائون کان پوءِ پوليس ۽ اڪثر سياستدانن جو اھو موقف سامھون آيو آهي ته اھو پناھگيرن خلاف شروع ڪيل آپريشن صرف انهن کي نشانو بڻائيندو آهي جيڪي غير قانوني طور رھائش پذير آھن. جيڪي وڌندڙ ڏوهن ۽ اميگريشن جي خراب صورتحال جا ذميوار آھن. جيڪي ملڪي وسيلن تي تنگي جو سبب بڻجي رھيا آھن. هڪ اندازي مطابق  آگسٽ 2021 ۾ جڏهن کان طالبان حڪومت ڪابل ۾ اقتدار تي قبضو ڪيو آھي، تڏھن کان ھن وقت تائين  600,000 افغان اچي چڪا آھن.

اسٽيبلشمينٽ ۽ نگران حڪومت جي اھڙي فيصلي کان پوءِ پوليس آپريشن پيچيده ٿي ويو آهي، افغانين جي رجسٽريشن ڪارڊن جي دستاويزي حيثيت به جون مھيني ۾ ختم ٿي چڪي آهي، جيتوڻيڪ انهن جي حيثيت برقرار رهندي.  پوليس مطابق گذريل سال ڪراچي مان 1,800 کان وڌيڪ افغانين کي ملڪ بدر ڪيو ويو، ۽ ھن سال لڳ ڀڳ 1,700 کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪراچي پوليس جي سربراهه خادم رند مطابق ڪارروائي جو مقصد غير قانوني پرڏيهن ڏانهن منسوب آهي، هن وڌيڪ چيو ته قانوني دستاويز رکندڙن جي گرفتارين ۽ رشوت وٺڻ جي الزامن جي جاچ پڻ ٿيڻ گهرجي. ان ڳالهھ ۾ ڪو اضافو نه ٿيندو ته افغانستان ۾ گذريل ٻن ڏھاڪن جي لڳاتار جنگين دوران لکن جي تعداد ۾ افغاني پاڪستان ۾ داخل ٿيا آهن، جڏھن ته ڪيترائي امدادي ڪيمپن ۾ رهن ٿا، جن کي تعليم، صحت ۽ روزگار تائين محدود رسائي حاصل آهي. گڏيل قومن جي تازي انگن اکرن موجب، لڳ ڀڳ 1.3 ملين رجسٽرڊ پناهگير آهن ۽ 880,000 کان وڌيڪ کي پاڪستان ۾ رهڻ جي قانوني حيثيت حاصل آهي. پاڪستان پاران غير قانوني طور رھندڙ افغاني پناھگيرن خلاف اعلانيل ڪريڪ ڊائون کان پوءِ ڪابل حڪومت اڃا تائين بي دخلي منصوبي جي اعلان جو ڪو به واضح جواب نه ڏنو آهي. جڏھن ته پاڪستان جي گهرو وزارت پڻ لاڳاپيل ماڻهن ۽ کاتن کي هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن ته اهي افغاني پناھگيرن جو رڪارڊ گڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ انھن کي افغان سرحد تي منتقلي لاءِ ٽرانسپورٽ پلان تيار ڪيو ويندو.

 

رياست جيڪو ھاڻي فيصلو ڪيو آھي يا رستو ورتو آھي ان تي سنڌ جي قومپرست سياست ڌارين خلاف ھميشه پنھنجو آواز بلند رکيو آھي، پر سنڌ جي ان آواز کي ڪڏھن به ترجيح جي بنيادن تي ناھي رکيو ويو. ھاڻي رياست جيڪو افغان پناھگيرن خلاف آپريشن ڪيو آھي اھو نھايت اھم فيصلو آھي. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي تازي صورتحال ۽ حڪومتي ايڪشن پلان کان پوءِ افغان پناهگيرن جي گرفتارين ۾ اضافو ٿيو آهي. حڪومت غير قانوني اميگريشن ۽ وڌندڙ ڏوهن تي قابو پائڻ لاءِ مختلف حصن ۾  ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آھي. جيڪو مثبت نتيجا ڏئي سگھي ٿو. معاشي بار کي به گھٽائي سگھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.