ڏوهن ۾ پوليس اهلڪار پاڻ ئي ملوث هجن ته باقي ڇا بچيو!

غلام حسين جوڻو

هاڻ، سنڌ جا گھڻا تڻا ٿاڻا به ڏوهن جو مرڪز بنجي ويا آهن. ا ۾ چيو ويندو هو ته، ڪنهن چور يا ڏوهاري کي پوليس گرفتار ڪري سڌاري ڇڏيندي. پر، شايد اها چوڻي مدي خارج ٿي ويئي آهي. هاڻ ٿاڻن ۾ حالتون هن چوڻي جي بلڪل ابتڙ آهن. پوليس ڏوهاري کي سڌاري ته ڪونه ٿي. پر، وڌيڪ ڏوهه ڪرڻ لاءِ ذهني آمادگي ڪري رهي آهي. خود پوليس ڏوهه ڪرائي رهي آهي پاڻ به ڏوهن ۾ ملوث رهي ٿي. رڳو پوليس ڪوڙيون ايف آءِ آرز ڪٽڻ جو ڪم ڪونه ٿي ڪري پر، نوڙيءَ مان نانگ ۽ نانگ مان نوڙي ڪريو ڄاڻي. هن وقت ٿاڻن ۾ ايترو ته تشدد ڪيو وڃي ٿو. جنهن جي ڪا حد ئي ڪونه آهي. انهيءَ تشدد ۾ ڪيترائي ماڻهو مختلف ٿاڻن تي مري چڪا آهن. پوءِ پوليس بهانو بڻائي، قيدي جي موت جو ڪو هٿرادو، ڪوڙو ۽ من گھڙت سبب ڄاڻائي پنهنجي جان ڇڏايو وڃي ٿي. منشيات به پوليس جي سرپرستي ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. رشوت جي بازار به گرم آهي. اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت آهن. پر، ڪيترائي دفعا اهو به ٻڌو اٿئون ته، ڪن ٿاڻن تي پوليس قيدين کي ڪوارٽر تي گھرائي انهن سان جنسي ڏاڍائي ڪري ٿي. اهڙا کوڙ سارا واقعا ٿيا آهن. ۽ ٿين پيا. ان ڳالهه جي شاهدي لاءِ ميڊيا ۽ اخبارون ڪافي آهن. اخبارن ۾ به اهڙيون خبرون شايع ٿينديون رهنديون آهن.

تازو اخبار ۾ پڙهيم ته راڻي پور ٿاڻي جي ڪوارٽر ۾ هڪ نينگر سان بدفعلي ڪئي ويئي. الزام وڏي منشي تي لڳو آهي. جيڪو ان واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو آهي. تفصيلي خبر موجب راڻي پور ٿاڻي جي وڏي منشي، نالي محمد خان شيخ پاران سورهن ورهين جي نينگر سکيل عرف راجا وساڻ سان ٿاڻي جي ڪوارٽر ۾ ڏاڍائي ڪئي ۽ جنسي بدفعلي ڪئي. رپورٽ موجب راڻي پور ٿاڻي تي سندس چاچي ممتاز حسين وساڻ اهڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. پوليس ٿاڻن جي حالت جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، اسان وٽ هيل تائين پوليس ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي. هاڻ اها بااثرن جي ونگارو آهي. قانون ۽ قاعدن جو ڪوبه خيال ڪونه ٿو ڪيو وڃي. قانون جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن پوليس قاعدن ۽ قانون تي عمل ڪري ته آئون سمجهان ٿو ته ڏوهن تي ضابطو اچي سگھي ٿو. ڪافي حد تائين ڏوهه گھٽجي سگھجن ٿا ۽ حالتون پرامن ٿي سگھن ٿيون. صرف پوليس ۾ سچائي ۽ صداقت جو جذبو هجي. ان جو انهن وٽ فقدان آهي ۽ کوٽ آهي. جيڪڏهن ان کوٽ کي ختم ڪيو وڃي ته حالتون سڌري سگھن ٿيون. ٻئي حالت ۾ اسان جو ماحول هرگز سازگار پيدا ٿي نه ٿو سگھي. اسان محفوظ رهي نه ٿا سگھون. اسان جون زندگيون خطري ۾ هونديون. اسان جو جيئڻ جنجال ٿي پوندو جيئڻ مشڪل ٿي سگھي ٿو. پر، جيڪڏهن پوليس خود بيواجبيون ڪندي رهي. سگهارين ڌرين جو نالو نه وٺندي هجي ۽ غريبن تي ظلم ڪندي رهي. طرحين، طرحين جي توهين ڪندي رهي ته ماحول ۾ سڌارو اچڻ ناممڪن ۽ بلڪل ڏکيو آهي. اها انصاف جي تقاضا نه آهي.

هتي اهو ذڪر به ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان ته ڪي پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ايماندار به آهن. اهي ايمانداري سان پنهنجا فرض نڀائيدا رهن ٿا. پر، اهي ٿورائي ۾ هئڻ ڪري انهن جي کاتي ۾ ڪا عزت ڪونهي ۽ کين اهميت ڪونه ٿي ڏني وڃي. باقي ڏهه ئي ڏوڪڙ لسا لڳا پيا آهن. ڪنهن تي ميار ڏجي. ڪنهن کي چئجي. اسان مٿئين بيان ڪيل واقعي جي مذمت ڪريون ٿا. اهڙا واقعا پوليس ٿاڻن جي حدن ۾ پوليس کي نه ڪرڻ گھرجن ۽ متاثر خاندان سان همدردي ڪرڻ به ضروري سمجهون ٿا. پوليس کاتو، امن و امان کي بحال ڪرڻ ۽ قانون نافذ ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويوهو. جيڪو هاڻ بااثرن جي اشارن تي هلي رهيو آهي. ۽ اصلي مقصد کان ڪوهين پري ٿيندو پيو وڃي. ان ڪري ان کاتي ۾ سڌارن جي اشد ضرورت آهي. پوليس پاڻ ڏوهه ڪرڻ بند ڪري ته پوءِ عوام تي به حڪم هلائي ۽ ڏوهه ختم ڪرائي سگھي ٿي. اميد ته سڌارو ضرور ايندو. نا اميد ٿيڻ نه گھرجي. نا اميدي ڪفر آهي. پوليس کاتي ۾ انقلابي تبديلي اچڻ واري آهي. هيءَ دنيا اميدن تي قائم و دائم آهي. جنهن ڪري اميد هارڻ نه گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.