والدين جي ڪوشش هوندي آهي ته اهي پنهنجن ٻارن سان گھڻي ڌيان سان پيش اچن پر ڪڏهن ڪڏهن ٻار والدين جي ڌيان نه ڏيڻ سبب گھڻين ڪمزورين جو شڪار ٿي ويندا آهن.
اي ڊي ايڇ ڊي (هائپر ايڪٽوٽي ڊس آرڊر) به اهڙي ئي هڪ حالت آهي جيڪا اهڙن ٻارن ۾ هوندي آهي جيڪي ڌيان نه ملڻ سبب پنهنجا روز جا معمول پورا ڪرڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪندا آهن.
جيتوڻيڪ اهڙي حالت ۾ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ بار نافرمان آهي يا بدسلوڪي ڪري رهيو آهي، پر ائين ناهي، اي ڊي ايڇ ڊي وارن ٻارن لاءِ اهي شيون ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکيون ثابت ٿينديون آهن.
اي ڊي ايڇ ڊي ڇا آهي
اي ڊي ايڇ ڊي جو مطلب ڌيان جي کوٽ جو هائپرايڪٽوٽي ڊس آرڊر آهي. اها هڪ طبي حالت آهي. اي ڊي ايڇ ڊي واري شخص جي دماغ جي واڌ ويجهه ۽ دماغ جي سرگرمي ۾ اختلاف ٿيندا آهن جيڪي صبر، پاڻ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ، ڌيان ڏيڻ، خاموش ويهڻ جي صلاحيت تي اثرانداز ٿيندا آهن.
اي ڊي ايڇ ڊي اسڪول ۾، گھر ۾ ۽ دوستن ۾ ٻار کي متاثر ڪري سگھي ٿو.
ٻارن ۾ اي ڊي ايڇ ڊي جو سبب ڇا آهي؟
ڊاڪٽرز يقين سان نٿا چئي سگھن ته ٻارن ۾ اي ڊي ايڇ ڊي جو سبب ڇا آهي، اهو والدين جي انداز، خوراڪ، عادتن يا ڪنهن به ٻين عملن سان سلهاڙيل ناهي، پر اها حالت امڪاني طور تي ورثي ۾ ملندي آهي. اي ڊي ايڇ ڊي وارن گھڻن ٻارن جو ڪو ويجهو مائٽ ان حالت جو شڪار هوندو آهي.
علاج ڪيئن ممڪن آهي
جڏهن ڪنهن به ٻار ۾ اي ڊي ايڇ ڊي جي سڃاڻپ ٿئي ته ، ڊاڪٽر يا ٿيراپسٽ والدين سان گڏجي ان جي علاج لاءِ ڪجهه طريقا استعمال ڪري سگھن ٿا.
ورتاءَ ذريعي ٿيراپي: ان ٿيراپي سان اي ڊي ايڇ ڊي وارن ٻارن کي اسڪول ۽ گھر ۾ انهن جي روز مرهه جي معمولن کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي. ان قسم جي ٿيراپي ۾ سڄو خاندان به شامل ٿي سگھي ٿو.
والدين يا سار سنڀال ڪندڙ ٻارن اثرائتا طريقا سکي متاثر ٻار جي مدد ڪري سگھن ٿا.
دوائون: اي ڊي ايڇ ڊي جي دوا ٻارن جي ڌيان ڏيڻ ۽ جذبن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿي.
اسڪول جي مدد: اي ڊي ايڇ ڊي وارن ٻارن کي گھڻو ڪري اسڪول ۾ اضافي مدد جي ضرورت هوندي آهي.
آمريڪا ۾ تقريبن 6.1 ملين ٻار ان جو شڪار آهن. اي ڊي ايڇ ڊي وارا ٻار روز مرهه جي معمول جهڙوڪ ڊسيپلين، هدايتن جي پيروي ۽ جذبن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پاڻ سان باقاعدا ويڙهه ڪندا آهن.
اي ڊي ايڇ ڊي جو علاج هڪ گڏيل ڪوشش آهي جيڪا والدين، استادن، ڊاڪٽرن، ٿيراپسٽ ۽ پاڻ ان جو شڪار ٻار جي مدد کانسواءِ ممڪن ناهي.