ڪهڙي ملڪ ۾ ڪيتريون عورتون آهن؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه سال اڳ 2020 ۾ اهو ڪاٿو لڳايو ويو هو ته گهڻو ڪري سڄي دنيا ۾ عورتون اڌ تي اڌ يعنيٰ 50 سيڪڙو آهن پر ڌرتي جي خطن ۾ اهو انگ مختلف ٿي سگهي ٿو.

اڪثر ملڪن ۾ عورتن جي آبادي 49 کان 51 سيڪڙو تائين آهي.

آمريڪا ۾ عورتن جي حوالي سان اڳڪٿي ڪيل آهي ته هو 51.1 سيڪڙو ٿي ويندو جڏهن ته سڄي دنيا ۾ جيڪڏهن ڏسجي ته 100 عورتون ۽ 102 مرد پيدا ٿين ٿا.

نوجوان 100 عورتن جي ڀيٽ ۾ 106 نوجوان مرد آهن جڏهن ته مردن جي موت جو امڪان وڌيڪ ڄاڻايو وڃي ٿو.

عورتن جي آبادي جي حوالي سان ڪجهه ٽاپ ملڪ ڏسون ٿا.

نيپال 54.2، هانگ ڪانگ 54.1، يوڪرائين 53.7، روس 53.7، پرتگال 52.7، هنگري 52.4، سريلنڪا 52.1، فرانس 51.6، پولينڊ 51.6، قازڪستان 51.5، رومانيا 51.4، ٿائلينڊ 51.3، اٽلي 51.3، ارجنٽينا 51.2، ۽ جاپان ۾ عورتن جي آبادي 51.2 سيڪڙو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.