احمد آباد ( ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ نيوزيليند دفاعي چيمپيئن انگلنيڊ کي نوَ وڪيٽن تان هارائن ميگا ايونٽ جو فتحاڻو آغاز ڪيو.
نيوزيلينڊ جي انگلينڊ جو 283 رنسن جو هدف 37 هين اوور ۾ هڪ وڪيٽ ني نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڪيوي بيٽر ڊيون ڪانوي 152 رنسن جي نائوٽ آئوٽ اننگز کيڏي، هن ٽي ڇڪا ۽ 19 چوڪا هنيا، جڏهن ته رِچن رويندرا پڻ ناقابلِ شڪست 123 رنسون ٺاهيون سندس اننگز ۾ 5 ڇڪا ۽ يارنهن چوڪا شامل هئا، وِل ينگ کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو.
انگلينڊ طرفان واحد وڪيٽ سام ڪُرن حاصل ڪئي.
ميچ ۾ رِچن رويندرا ۽ ڊيون ڪانوي وچ ۾ ٻي وڪيٽ لاءِ 262 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي ۽ اهڙي ريت نيوزيلينڊ جو ٻي وڪيٽ لاءِ گپٽل ۽ وِل ينگ وچ ۾ قائم 203 رنسن جي ڀائيواري جو رڪارڊ پڻ ٽٽي ويو.
احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڪيوي ڪپتان ٽام ليٿم ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
انگلش ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 282 رنسون ٺاهيون، انگلينڊ طرفان جو روٽ 77 ۽ ڪپتان جوز بٽلر 43 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ٻين رانديگرن ۾ جوني بيئرسٽو 33، هيري بروڪ 25 ۽ معين علي 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ليان ليونگسٽن 20، سام ڪُرن 14 ۽ ڪرس ووڪس 11 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ طرفان ميٽ هينري 3، جڏهن ته مچل سينٽنر، گلين فلپس ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.