ڪراچي ۾ قيدي جي پينٽنگ لکن ۾ وڪرو، وڏو نيڪي جو ڪم ڪري ڇڏيائين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ عمر قيد جي قيدي جي پينٽنگ 11 لک رپين ۾ وڪرو ٿي وئي.
ڪراچي ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽيندڙ اعجاز جي پينٽنگ 11 لک رپين ۾ وڪرو ٿي ته ان سڄي رقم پنهنجي ماءُ حوالي ڪري ڇڏي.
قيدي اعجاز جو چوڻ آهي ته مان جيل ۾ پينٽنگ ٺاهڻ سکي، اتي ئي ٺاهي ۽ نمائش ۾ پيش ڪري ڇڏي، چاهيان ٿو ته اها رقم ماءُ جي عمري، ڀيڻ جي شادي ۾ ڪم اچي.
هوڏانهن ماءُ پٽ لاءِ دعا ڪندي چيو مون کي ان تي فخر آهي ته ان منهنجي عمري جو بندوبست ڪيو.
جيل کاتي جي قائم مقام آءِ جي محمد حسن سهتي ٻڌايو ته قيدي اعجاز 3 لک رپيا پنهنجي ڀيڻ جي شادي لاءِ به ڏنا، هو ڀنگ لاءِ اغوا جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو هو ۽ عدالت کيس 25 سال سزا ٻڌائي هئي، اعجاز 14 ڊسمبر 2013 کان جيل ۾ قيد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.