جڏهن اوهان سمهندا آهيو ته اوهان جي وات ۾ بيڪٽيريا وڌي ويندا آهن، هي اهي ئي بيڪٽيريا هوندا آهن جن جي ڪري اوهان جي وات جو ذائقو خراب ٿي ويندو آهي ۽ بوءِ به ايندي آهي.
جيڪڏهن اوهان جاڳڻ جي فوري بعد پنهنجا ڏند صاف ڪندا آهيو ته کاڌي کان اڳ اوهان جي ڏندن کي فلورائيڊ ڪوٽنگ ملي ويندي آهي جنهن سان ناشتي ۾ انهن بيڪٽيرياز جي شامل ٿيڻ کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي.
ڪڏهن به اها تجويز ناهي ڏني ويندي ته اوهان نيرن ڪرڻ بعد برش ڪريو.
اوهان ڪهڙو به مانجهاندو يا نيرن ڪريو گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ کن اڳ برش ڪري وٺو.
کائڻ پيئڻ بعد پنهنجا ڏند صاف ڪرڻ اوهان جي ڏندن تي موجود تهه کي متاثر ڪري سگهي ٿو اهو ئي سبب آهي جو مطالعي مان خبر پوي ٿي ته نيرن کان اڳ برش ڪرڻ بهتر آهي.