ڪسٽمز جو وڏو قدم، ڪرنسي جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ ڪتا ميدان ۾ اچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪسٽمز جهازن ذريعي ڪرنسي جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ تربيت يافته ڪتن جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو.
ڪسٽمز ذريعن موجب سڀني وڏن ايئرپورٽن تي ڪرنسي جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ ڪتن کان مدد ورتي پئي وڃي، ڪارگو ۽ مسافرن جي سامان ۾ ڪرنسي جي نشاندهي لاءِ ڪتن جي خاص تربيت ڪئي وئي آهي ۽ انهن جي ڪارڪردگي شاندار آهي.
ڪسٽمز ذريعن جو چوڻ آهي ته جهازن جي ڳجهن حصن ۾ لڪايل ڪرنسي جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪتن ذريعي جهازن جي اندر به تلاشي ورتي پئي وڃي ۽ ڪرنسي سمگلنگ روڪڻ لاءِ سڀني ملڪي ۽ پرڏيهي اڏامن جي عالمي اڏامن جي خاص طور جاچ ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب ڊالر ۽ ٻي ڪرنسي جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ ڪسٽمز کاتو هر ممڪن ذريعو استعمال ڪري رهيو آهي، تربيت يافته ڪتن لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽمز جو ڪي 9 يونٽ قائم آهي، ڪرنسي، بارود ۽ منشيات جو پتو لڳائڻ لاءِ تربيت يافته ڪتن جا الڳ الڳ اسڪواڊ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.