ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع لاءِ 14 آڪٽوبر تي شيڊيول مهادنگل يعني پاڪ-ڀارت ميچ جي حوالي سان اڳوڻي انگلش ڪپتان ڀارت جي شڪست جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل ايٿرٽن چيو ته پاڪ-ڀارت ميچ عالمي ڪپ جو سڀ کان وڏو مقابلو آهي ۽ محسوس ٿي رهيو آهي ته پاڪستان ڀارت ئي هارائي ڇڏيندو.
هن چيو ته سيمي فائنل يا فائنل ۾ ٻنهي ٽيمن جو ٻيهر ٽڪر ٿيو ته اِها به وڏي ميچ هوندي، ٿي سگهي ٿو ته پاڪ-ڀارت ميچ ۾ پاڪستان سرپرائز ڏئي وجهي.
ٻئي پاسي انگلش ٽيم کي گذريل عالمي ڪپ ۾ فاتح بڻائيندڙ ڪپتان آئن مورگن چيو ته سندس خيال ۾ جيڪا ٽيم عالمي ڪپ ۾ سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيندي اِها پاڪستان آهي، پاڪستاني رانديگر ايونٽ م سٺو پرفارم ڪندا.
ياد رهي ته عالمي ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 14 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ ميچ کيڏي ويندي ۽ عالمي ڪپ جي ستن مقابلن ۾ هنيئر تائين پاڪستان ٽيم ڀارت خلاف ڪا به ميچ ناهي کٽي سگهي.
You might also like