عالمي ڪپ ڀارتي معيشت کي ڪيترو فائدو ڏيندو؟ ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون اچي ويا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع جي ميزباني ذريعي ٻاويهه هزار ڪروڙ رُپين جي آمدني لاءِ پراميد آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارت جي بئنڪ آف برودا جي معاشي ماهرن ۽ ٻين بئنڪارن اِها اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ مُلڪي معيشت ۾ ٻاويهه هزار ڪروڙ ڀارتي رپيا شامل ڪندو.

ڀارتي ميڊيا موجب، پنج آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ميگا ايونٽ 19 نومبر تائين جاري رهندو.

عالمي ڪپ جون ميچون ڀارت جي ڏهن مختلف شهرن ۾ شيڊيول آهن، ان سلسلي ۾ وڏي انگ ۾ مقامي ۽ پرڏيهي ڪرڪيٽ پرستارن جي آمد سبب سفر ۽ هوٽلنگ سيڪٽر سميت ٻين شعبن ۾ وڏي آمدني جي اميد آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ 2011ع کانپوءِ پهريون ڀيرو  ون ڊي ورلڊ ڪپ ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏيڍ مهيني تائين جاري رهندڙ ايونٽ ۾ ريٽيل سيڪٽر ۾ وڏي پئماني تي خريد وڪرو ڪئي ويندي.

ڀارتي ميڊيا موجب، معاشي ماهر پراميد آهن ته هلندڙ سال 2019ع جي پنج سئو ملين ويورشپ کي ڏسندي هن دفعي  ٽي وي ۽ ٻين  اسٽريمنگ پليٽ فارمز تي ان کان به وڌيڪ ويورشپ جو امڪان آهي جنهن ذريعي ڏهه هزار کان ٻارنهن هزار ڪروڙ ريونيو جمع ٿي سگهي ٿو.

ڀارتي معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ سبب مداحن لاءِ مهانگائي ۾ اضافو پڻ ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ ڏهن شهرن ۾ ايئرلائنز جون ٽڪيٽس، هوٽلن جي ڀاڙن ۽ ٻين سروسز جي چارجز ۾ واڌ ٿيندي، جنهن ذريعي آڪٽوبر کان نومبر تائين مجموعي طور مهانگائي جي شرح 0.15 کان 0.25 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي.

معاشي ماهرن موجب، ورلڊ ڪپ مرڪزي حڪومت لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو، جنهن ۾ ٽڪيٽن جي وڪرو، مصنوعات، هوٽلن، ريسٽورينٽس ۽ فوڊ ڊيليوري سميت ٻين سروسز ۾ وڏي پئماني تي ٽئڪس گڏ ٿيندو جيڪي مرڪزي حڪومت ڏانهن ويندو، جڏهن ته انهن سمورين شين جي مد ۾ ڀارت جي معيشت کي ٻاويهه هزار ڪروڙ جو فائدو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.