جي ميل ۾ بهترين فيچر متعارف

فيسبڪ، انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ٻين ايپس ۾ پوسٽن تي ايموجيز ذريعي ري ايڪشن ظاهر ڪرڻ ممڪن آهي.
پر هاڻي اوهان گوگل جي مشهور ترين اي ميل سروس جيميل تي به ايموجي ري ايڪشنز جو استعمال ڪري سگھندا.
رپورٽ موجب اهو نئون فيچر پهريان اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ان کان پوءِ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ويب ۽ آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ به ان فيچر کي متعارف ڪرايو ويندو.
پر اي ميل تي ايموجي ري ايڪشنز جو استعمال ايترو سادو ناهي جيترو فيس بڪ يا ٻين ايپس ۾ هوندو آهي.
ڪجهه ماڻهن کي ته ايموجي ري ايڪشن هڪ ڌار اي ميل ۾ نظر ايندو جنهن تي لکيل هوندو ته ڪهڙي فرد جيل ميل تي اوهان جي اي ميل تي ري ايڪٽ ڪيو آهي.
ائين جي ميل جو پراڻو ورجن استعمال ڪندڙ واهپيدارن سان ٿيندو جڏهن ته ڪنهن ٻئي اي ميل پروگرام جهڙوڪ آئوٽ لڪ ۽ ياهو واهپيدارن سان به ائين ئي ٿيندو.
ڪمپني موجب ايموجي ري ايڪشن کي سدائين استعمال ممڪن نه هوندو.
جيڪڏهن اوهان ڪنهن آفيس جي اڪائونٽ کي استعمال ڪندي 20 کان وڌيڪ ايڊريسز تي ڪا اي ميل موڪليندا ته ان تي ايموجي ري ايڪشنز جو استعمال ممڪن نه هوندو.
فيچر کي ڪيئن استعمال ڪجي؟
ان کي استعمال ڪرڻ جو طريقيڪار سولو آهي.
جيڪڏهن اهو فيچر اوهان جي اينڊرائڊ فون ۾ دستياب هجي ته اي ميل اوپن ڪرڻ تي ان جي هيٺان ايڊ ايموجي ري ايڪشن جو آپشن نظر ايندو.
ان آپشن سان ايموجيز جي لسٽ هوندي جنهن مان پنهنجي پسند جي ايموجي کي سليڪٽ ڪريو جيڪو اي ميل جي هيٺان نظر ايندو.
جيڪڏهن اوهان ڪنهن غلط ايموجي کي سليڪٽ ڪندئو ته ان کي هٽائي به سگھو ٿا پر لاءِ 5 کان 30 سيڪنڊن جي اندر ان ڊو ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.