مشهور ڪرڪيٽر زال کان طلاق وٺي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دهلي جي هڪ فيملي ڪورٽ ڪرڪيٽر شيکر ڌون جي زال عائشه مکرجي کان طلاق جي منظوري ڏئي ڇڏي.

عدالت چيو ته درخواست ڪندڙ (شيکر ڌون) ظلم جي بنياد تي طلاق جو حقدار آهي.

عدالت سندن 11 سالن جي شادي کي ٽوڙيندي چيو ته ”ان ۾ ڪو به تڪرار ناهي ته ٻنهي ڌرين پاڻ ۾ رضامندي سان طلاق ورتي هئي ۽ سندن شادي گهڻو اڳ ختم ٿي چڪي آهي ۽ هوءَ 8 آگسٽ 2020 کان پنهنجي مڙس سان گڏ رهي رهي آهي. "

فيملي ڪورٽ طلاق جي درخواست ۾ شيکر ڌون جا الزام ان بنياد تي قبول ڪيا ته عائشه يا ته مخالفت نه ڪئي يا پنهنجو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

جج هريش ڪمار اعتراف ڪيو ته عائشه شيکر ڌون کي هڪ سال تائين پٽ کان پري رکي ذهني اذيتون برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.