پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ منگهڻن جي وڏي انگ حملو ڪري خوف ۽ هراس پکيڙي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پيرس 2024ع جي اولمپڪس جي ميزباني ڪندو پر ان کان اڳ منگھڻن پيرس سوڌو فرانس جي ٻين شهر ۾ حملو ڪري ڇڏيو آهي، بس اسٽاپ، ريلوي اسٽيشنز، هوٽل، ريسٽورينٽس ۽ هوائي اڏن سوڌو ڪو به هنڌ اهڙو ناهي جتي ڳاڙها جيت نه هجن.
واضح رهي ته منگهڻ انساني رت پيئندڙ جانور آهي جنهن جي چڪ هڻڻ سان الرجي ٿيندي آهي، ان حوالي سان پيرس جي ڊپٽي ميئر جو چوڻ هو ته ڪو به فرد انهن جيتن کان محفوظ ناهي، جيتن جي چڪ هڻڻ سبب ٿيندڙ انفيڪشن لاءِ اثرائتن قدمن جي ضرورت آهي جنهن لاءِ صحت کاتو ڪميونٽيز ۽ لاڳاپيل اسٽيل هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
ان کانسواءِ ڳاڙهڻ جيتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميا وزيراعظم کي به خط لکي ڇڏيو آهي جنهن هن کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو آهي.