پاڪستان گهٽ درجي جي ٽيم آهي، ورلڊ ڪپ ۾ اڳتي نه ويندي: هرڀجن سنگهه

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي شروعات کان اڳ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه ڀارت کي فيورٽ ۽ پاڪستان جي اڳتي نه وڌڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا سان گفتگو ڪندي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه چيو ته پاڪستان ٽي ٽوئنٽي جي سٺي ٽيم آهي پر منهنجي خيال ۾ ڀارت جو پاڪستان خلاف رڪارڊ تبديل ٿيندو.

هن چيو ته ايشيا ڪپ ۽ وارم اَپ ميچون ڏٺيون آهن، پاڪستان گهٽ درجي جي ٽيم آهي، پاڪستان ٽيم عالمي ڪپ ۾ اڳتي نه ويندي.

ٻئي پاسي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر چيو ته پاڪ-ڀارت ميچ ايتري ئي اهم آهي جيترو عالمي ڪپ کٽڻ، اِها ميچ ٽورنامينٽ جو سڀ کان اهم ايونٽ آهي، عام مداح پاڪ-ڀارت مقابلي لاءِ تمام گهڻو پرجوش هوندا آهن.

سنيل گواسڪر وڌيڪ چيو ته اسان کي عالمي ڪپ کٽڻو آهي، پر پاڪ-ڀارت ميچ به تمام گهڻي اهم آهي، عام ماڻهو کان پڇيو ته چونڊو ته پاڪستان خلاف کٽڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.