نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) توهان ڪارن ۽ ٻين قسمن جي شين کي ڪرائي تي ڏيڻ بابت ٻڌو هوندو، پر توهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته آمريڪا جي شهر بوسٽن ۾ ڪاليج جي هڪ شاگردياڻي ’رينٽ اي مدر‘ جي آڇ ڪري رهي آهي، جيڪا ڪرائي تي ماءُ جي سروس فراهم ڪري رهي آهي.
نيويارڪ پوسٽ موجب عورت جو نالو ٽمي ڪيومن آهي هو 70 سالن ۾ آهي. ان جي باوجود هوءَ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي شاگردياڻين کي پنهنجون خدمتون فراهم ڪري رهي آهي. ڪنهن سٺي ماءُ وانگر، هوءَ انهن شاگردن لاءِ کاڌو پچائيندي آهي، سندن ڪپڙا ڌوئيندي آهي ۽ ٻيا سڀ ڪم ڪندي آهي، جيڪي مائون پنهنجي ٻارن لاءِ ڪنديون آهن.
ٽمي ڪيومن جو چوڻ آهي ته هو هڪ ڀيري پنهنجي هڪ گراهڪ جي ضمانت ڪرائڻ به وئي هئي جيڪو ميامي جيل ۾ قيد هو، هو شاگردن جي بيمار ٿيڻ تي انهن سان اسپتال ويندي آهي ۽ اتي سندن مدد ڪندي آهي.
سندس چوڻ آهي ته هو تعليم جي حوالي سان پنهنجين مائرن کان پري رهندڙ ٻارن جي ماءُ آهي.
ٽمي ڪيومن ان مقصد لاءِ هڪ ڪمپني ٺاهي آهي، هو پري بورڊنگ اسڪولن، بورڊنگ اسڪولن ۽ ڪاليجز جي شاگردياڻين کي سروس ڏئي ٿي.
هڪ هڪ شاگردياڻي کان هڪ تعليمي سال لاءِ 10 هزار ڊالر يعنيٰ 28 لک 87 هزار پاڪستاني رپيا فيس وٺي ٿي.