عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ ڪهڙي کوٽ آهي؟ محمد حفيظ ٻڌائي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان محمد حفيظ عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل قومي اسڪواڊ ۾ چئن پوزيشن تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو.

محمد حفيظ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام شرڪت جنهن دوران ميزبان کائنس سوال ڪيو ته پاڪستان جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي ميمبر طور چئن اهڙن رانديگرن جا نالا ٻڌايو جن بابت اوهان کي خدشا آهن ۽ اوهان جي خيال ۾ انهن رانديگرن کي عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ه ڪرڻ گهرجي ها؟ .

محمد حفيظ جواب ڏيندي چيو ته سڀ کان پهرين اِهو سمجهڻ ضروري آهي ته مان ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ ۾ نه سليڪٽر هيس، نه ڪپتان نه ٽيم ڊائريڪٽر ۽ نه ئي هيڊ ڪوچ.

هن چيو ته منهنجو ڪردار ڪميٽي ۾ رڳو ايترو هيو ته مون کي مددگار طور مسئلن جي نشاندهي ڪرڻي هئي، پوءِ انهن مسئلن کي ختم ڪرڻ جي ذميواري پي سي بي جي هئي.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته جيڪڏهن ڳالهه ڪجي پاڪستان اسڪواڊ ۾ شامل انهن چئن رانديگرن جي جيڪي تيار نه هئا، انهن ۾ ٻئي نمبر تي اوپنر، نمبر پنج تي موجود ڪرڪيٽر، متبادل اسپنرز ۽ نئين بال جو آپريٽر، اِهي چار پوزيشن آهن جن لاءِ اسان تيار نه آهيون.

اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جا اسپنر سٺا رانديگر آهن پر تيار نه آهن، نئين بال جو آپريٽر اسان وٽ نه آهي، الله نه ڪري جيڪڏهن عالمي ڪپ جي 48 دوران شاهين ۽ حارث رئوف کي ڪائي انجري ٿي ته اسان وٽ سندن جوڙ جا متبادل بالر نه آهن.

هن چيو ته جيڪڏهن پنجين مسئلي تي نظر وجهون ته اسان وٽ بالنگ آل رائونڊر به نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.