کير 200 رپين کان مٿي ملي ته شڪايت ڪيو: ڪراچي جي ڪمشنر جي عوام کي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ مهانگو کير کپائڻ تي ٻه دڪان سيل ڪيا ويا.
ڪراچي جي ڪمشنر جي هدايت تي کير مقرر اگهه کان وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون.
ترجمان موجب ڪمشنر سليم راجپوت ذاتي طور تي 230 رپين ۾ ڪلو کير خريد ڪيو ۽ ٻنهي دڪانن کي اسٽنٽ ڪمشنر سول لائنز پوليس سان گڏ سيل ڪيو.
ان کانسواءِ ڪراچي جي ڪمشنر سڀني ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي وڌيڪ اگهه تي کير وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ عوام کي به اپيل ڪئي آهي ته اهي 200 رپين کان وڌيڪ قيمت تي کير وڪرو ڪندڙن خلاف شڪايتون ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.