8 ورهين جي ٻارڙيءَ پيءُ جي وڪري جو اشتهار لڳائي ڇڏيو

پيءُ سان جهڙي بعد 8 ورهين جي ٻارڙي جي حرڪت جتي ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو اتي ئي سندس اها حرڪت خبرن جي زينت به بڻجي وئي آهي.

اهو دلچسپ واقعو ڀارت ۾ پيش آيو جنهن کي سوشل ميڊيا واهپيدارن شيئر ڪيو آهي.

ٻارڙيءَ جي پيءُ جو اڪائونٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي ميلن ڪوهولڪ جي نالي سان آهي ۽ هن ٻڌايو ته هن جو 8 ورهين جي ڌيءَ سان معمولي ڳالهه تي جهيڙو ٿيو جنهن تي ڌيءَ طرفان حيران ڪندڙ پر مزاحيا ردعمل سامهون آيو.

ميلن ٻڌايو ته هن جي ڌيءَ ڪاوڙ ۾ پنهنجي پيءُ جي وڪري جو اشتهار گھر جي در تي لڳائي ڇڏيو ۽ قيمت 2 لک ڀارتي رپيا رکي جنهن جي تصوير به ميلن سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي.

تصوير ۾ ٻارڙي لکيو ته ”پيءُ ٻن لک رپين ۾ وڪري لاءِ“.

ٻارڙيءَ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي وڌيڪ ڄاڻ لاءِ گھر جي گھنٽي وڃائڻ جي هدايت به ڪئي.

پنهنجي پوسٽ ۾ ميلن لکيو ته گھر جي در تي اشتهار ڏسي مون کي لڳو ته آئون پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڪافي ناهيان.

سوشل ميڊيا تي ٻارڙي جي ان حرڪت تي واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.