کنڊ جا اگهه پنجاب حڪومت مقرر ڪري: لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ کنڊ جا اگهه مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جو محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ کنڊ اگهن بابت محفوظ فيصلو ٻڌايو.
عدالت وفاقي سيڪريٽري ڪنٽرولر جنرل پرائس جو کنڊ جو اگهه مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت چيو ته پنجاب جي حد تائين پرائس ايڪٽ 1977 ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته صوبي ۾ پنجاب حڪومت کنڊ جا اگهه مقرر ڪندي ۽ تفصيلي فيصلو پوءِ جاري ڪيو ويندو.
واضح رهي ته شگر ملز مالڪن کنڊ جا اگهه مقرر ڪرڻ جو وفاقي حڪومت جو قدم چئلينج ڪيو هو ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ کنڊ جي اگهن بابت جاري نوٽيفڪيشن معطل ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.