حرا خان جي نارين کي جلدي نڪاح ڪرڻ جي صلاح تي ماڻهو مڇرجي پيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا حرا خان کي نڪاح بابت بيان تي سوشل ميڊيا واهپيدارن تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، اداڪارا کي اهڙن خيالن جو اظهار ڪرڻ ڳچي ۾ پئجي ويو آهي.

تازو اداڪارا حرا خان پنهنجي ماڊل مڙس ارسلان خان سان گڏهڪ شو م شرڪت ڪئي جتي اداڪارا جلدي نڪاح ڪرڻ بابت پنهنجا ويچار ونڊيا.

اداڪارا چيو ته جيڪڏهن اوهان نڪاح جهڙي بابڪت شئي ڪرڻ وارا آهيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته اوهان جو رزق بند ٿئي ۽ اوهان جي زندگي ۾ روزگار بابت ڪا رنڊڪ اچي.

اداڪارا جلدي نڪاح ڪرڻ جي سببن تي روشني وجهندي چيو ته اسان رڳو حلال رشتو چاهيندا آهيون، اسان رڳو اسلامي تعليمات جي پيروي ڪرڻ چاهيندا آهيون، ان لاءِ اسان جلدي نڪاح ڪيو.

سوشل ميڊيا تي انٽرويو مان ورتل وائرل ڪلپ تي واهپيدارن اداڪارا کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

هڪ واهپيدار اداڪارا جي لباس تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته ايتريون سٺيون ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ باجي پنهنجا ڪلها ڍڪي ها ته بهتر هو، ڇو ته اوهان جا لفظ ۽ لباس بلڪل نٿا ملن.

هڪ واهپيدار لکيو ته ڏاڍو سٺو، پهريان حرام رشتن م رهو ۽ پوءِ پروپوز ڪري ڇڏيو.

هڪ واهپيدار لکيو ته مذهبي ٽچ رڳو فالوورز لاءِ آهي.

اڪثر واهپيدارن اداڪارا کي پهريل لباس کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

ياد رهي ته اداڪارا پاڪستاني ماڊل ارسلان سان هلندڙ سال شادي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.