پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي آءِ جي صوبي ۾ 75 سيڪڙو آپگهاتي حملن ۾ افغانين جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي آءِ جي خيبر پختونخواهه اختر حيات خان چيو ته صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪن ۾ 75 سيڪڙو آپگهاتي حملي آورن جو واسطو افغانستان سان هو.
هن چيو ته علي مسجد، باڙا، هنگو، باجوڙ ۽ پوليس لائنز آپگهاتي حملي ۾ به افغان شهري ملوث هئا، حملي آورن جي فنگر پرنٽس سان خبر پئي ته اهي افغاني هئا.
Prev Post
You might also like