حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو واسطو پنجاب آهي انڪري سند پنجابي لهجو به تمام گهڻو مقبول آهي جنهن جون گهڻي قدر وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿينديون رهنديون آهن.
ڪپتان جون ڪڏهن راند جي ميدان ۾ ڪنهن کي پنجابي جملا چوندي ته ڪڏهن پريڪٽس دوران پنجابي ۾ ڪجهه ڀوڳ مذاق ڪندي وڊيو وائرل ٿي وينديون آهن، جن تي ڪافي ميمز پڻ ٺاهيا ويندا آهن.
تازو هڪ ڀارتي پنجابي سوشل ميڊيا انفلوئنسر سان به بابر اعظم جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ انفلوئنسر ڪپتان وچ ۾ پنجابي ۾ دلچسپ ۽ مزاحيه جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ڀارتين جون دليون پڻ کٽي ورتيون آهن.
سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو کي واهپيدارن طرفان تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي ۽ واهپيدار بابر سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن.
ياد رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم عالمي ڪپ لاءِ ڀارت ۾ موجود آهي جتي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ نيڌرلينڊز خلاف کيڏندي.