ڊالر جي بي قدري جاري، 6 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جو قدر وڌڻ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه اڄ هڪ رپيو 6 پئسا گهٽ ٿيو، جنهن کانپوءِ ڊالر جو اگهه 283 رپيا 62 پئسا ٿي ويو آهي.
اڄ ڪاروبار جي بندش تي ڊالر پنهنجي بلند ترين سطح کان 23 رپيا 48 پئسا گهٽ آهي ۽ اها ڊالر جي انٽر بئنڪ ۾ 6 مهينن جي گهٽ ترين سطح آهي.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو سستو ٿيڻ کانپوءِ 284 رپين جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.