اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 71 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي.
نيپرا فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب واڌ آگسٽ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي، بجلي جي اگهه ۾ واڌ آڪٽوبر جي بلن ۾ لاڳو ٿيندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته واڌ لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.
ذريعن موجب آگسٽ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جو واهپيدارن تي 3 ارب رپين جو واڌو بار پوندو.
You might also like