احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) اربع ڏينهن ڀارت ۾ عالمي ڪپ کان اڳ ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪپتانن جي پريس ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ صحافين کانئن ڪجهه سوال ڪيا.
ان ڪانفرنس جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي جنهن ۾ ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ٽيمبا باووما ننڊ ڪندي نظر آيو، تصوير سامهون ايندي ئي واهپيدارن ان تي ڪيئي ميمز ٺاهيا.
ڪجهه ماڻهن ٽيمبا کي تنقيد جو نشانو به بڻايو ته عالمي ڪپ جي اهم ڪانفرنس، جيڪا سموري دنيا ڏسي رهي آهي، ڪو ننڊ ڪئين ڪري سگهي ٿو.
Temba Bavuma has just fallen asleep in the World Cup captain’s conference pic.twitter.com/GqQXZ3MenG
— England’s Barmy Army 🏴🎺 (@TheBarmyArmy) October 4, 2023
پر هاڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان پاڻ ان تصوير تي ردعمل ڏنو ۽ تصوير کي ئي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو.
ٽيمبا باووما هڪ ٽوئيٽ جو جواب ڏنو ۽ لکيو ته هو ان تصوير جو قصوروار ڪئمرا جي اينگل کي قرار ڏيندو.
ڏکڻ آفريڪي ڪپتان جي ان موقف کي ڪيئي واهپيدارن مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.