ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) گوگل پڪسل 8 سيريز جا ٻه فونز متعارف ڪرايا ويا آهن.
گوگل پڪسل 8 ۽ پڪسل 8 پرو نوان فون متعارف ڪرايا آهن، انهن جي خاص ڳالهه ٽيمپريچر سينسر آهي.
ان لاءِ باقاعده تقريب ڪوٺائي وئي هئي، گوگل جو نون فيچرز بابت چوڻ آهي ته ان ۾ ٽينسر 3 چپ لڳائي وئي آهي،
ان سان گڏوگڏ ڪيمرا فيچرز۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.
نون فونز ۾ ٽينسر جي 3 پراسيسر ڏنو ويو آهي جنهن سان ٽائٽن ايم 2 سيڪيورٽي چپ به موجود آهي.
هي نئون پراسيسر ٻنهي اسمارٽ فونز ۾ گوگل جي آرٽيفيسل انٽيلجنس فيچرز جيئن ريئل ٽائم ٽرانسليشن کي ان ايبل ڪندو.
پڪسل 8 ۾ 8 جي بي جڏهن ته پڪسل 8 پرو ۾ 12 جي بي ريم موجود هوندي ۽ بي ٻئي واٽر ۽ ڊسٽ ريزيزٽنس فونز آهن.
پڪسل 8 پرو ۾ 6.7 انچ جو ڊسپلي 120 هرٽز ريفريش ريٽ سان ليس آهي.
هن فون جي پٺيان 3 ڪيمراز جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جو مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جو آهي جنهن سان 48 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 48 ميگا پڪسل 5 زوم ڪيمرا موجود آهن.
فون جي فرنٽ تي 10.5 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي.
پرو مادل ۾ 5050 ايم اي ايڇ بيٽري 30 واٽ چارجنگ اسپيٽ جي صلاحيت سان ڏني وئي آهي.