لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سينيٽر عرفان صديقي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي پروگرام ۾ ڪنهن به تبديلي جي ترديد ڪري ڇڏي.
سينيٽر عرفان صديقي لنڊن ۾ پارٽي قائد نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي پروگرام کي حتمي شڪل ڏني وئي، سندس 21 آڪٽوبر تي واپسي جو پروگرام فائنل آهي.
هن چيو ته نواز شريف ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ عمري لاءِ سعودي عرب ويندو، جتان گڏيل عرب امارتن ڏانهن ويندو.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي پروگرام ۾ ڪنهن به تبديلي جي ترديد ڪيان ٿو، سندس واپسي جي پروگرام ۾ تبديلي جي ڪا صلاح ناهي ملي، ان حوالي سان ميڊيا ۾ هلندڙ خبرن ۾ ڪا حقيقت ناهي.
سندس چوڻ هو ته مفاهمتي گروپ طرفان پروگرام تبديل ڪرڻ جون خبرون جعلي آهن، ن ليگ ۾ ڪو مفاهمتي يا مزاحمتي گروپ ناهي.
Next Post
You might also like