چپن تي ڪارا داغ ڇو ٿين ٿا ۽ انهن جو علاج ڇا آهي؟

چپن تي موجود ڪارن داغن کي قدرتي علاج سان ٺيڪ ڪري سگھجي ٿو. اهي داغ گھرا ۽ بدصورت ٿي سگھن ٿا ۽ اوهان کي هر وقت لِپ اسٽڪ لڳائڻ تي مجبور ڪري سگھن ٿا. پر ميڪ اپ رڳو هڪ عارضي حل ٿي سگھي ٿو.

ان کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر طريقواهو آهي ته ليمي، ماکي،کيري ۽ ڏاڙهون جهڙن محفوظ جُزن جو استعمال ڪيو وڃي.

ان کان اڳ ۾ اسان کي چپن تي ڪارن داغن جي علاج تي غور ڪرڻو پوندو، اسان کي اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته ان جا بنيادي سبب ڇا آهن.

جڏهن به اوهان پنهنجن چپن وارن يا ننهن جي ظاهري شڪل ۾ تبديلي محسوس ڪندا آهيو، ته ان جو بنيادي سبب اهم وٽامنز ۽ معدنيات جي کوٽ هوندي آهي. ان صورت ۾ چپن تي ڪارا داغ وٽامن بي جي کوٽ جو نتيجو ٿي سگھن ٿا.

پراڻي لِپ اسٽڪ يا لَپ بام جو استعمال جيڪي ايڪسپائر ٿي چڪا آهن. ڪارن داغن جو وڏو سبب آهن. سدائين ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اوهان ڪارن داغن کان بچڻ لاءِ پنهنجي پسنديدهه چپن جي پراڊڪٽ جي ايڪسپائري ڊيٽ کي ٻيهر چيڪ ڪريو.

تماڪ ۾ موجود نقصانڪار ڪيميڪل اوهان جي چپن کي سولائي سان نقصان پهچائي سگھن ٿا. الڪوحل جسم جي معمول جي ڪم ۾ خخل وجهي سگھي ٿو ۽ چپن تي ڪارن داغن جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

تماڪ ۾ موجود هاڃيڪار ڪيميڪل اوهان جي چپن کي سولائي سان نقصان پهچائي سگھي ٿو. الڪوحل جسم جي معمول جي ڪم ۾ خخل وجهي سگھي ٿو ۽ چپن تي ڪارن داغن جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

هيءَ حالت به ڪارن داغن جو سبب بڻجندي آهي جيڪا چپن کي غير صحتمند نظر اچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي. رت جي هڪ سادي ٽيسٽ اوهان کي ٻڌائي سگھي ٿي ته اوهان جي جسم ۾ آئرن تمام گھڻو ته ناهي. ان کان پوءِ علاج لاءِ پنهنجي ڊاڪٽر سان مشورو ڪريو.

اسان جي جسم کي هارمونز جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن اهي اثرائتي طريقي سان ڪم ڪري سگھن. ڪڏهن ڪڏهن اهي داغ جسم ۾ هارمونل عدم توازن جو اشارو ٿي سگھن ٿا ۽ علاج جي ضرورت پئجي سگھي ٿي.

چپن تي ڪارن داغن جي خاتمي جو گھريلو علاج:

صوف جو سرڪو: ڪپهه کي سرڪي ۾ ٻوري متاثر هنڌ تي ٻن منٽن لاءِ لڳايو. ان عمل کي ڏينهن ۾ ٻه يا ٽي ڀيران ورجايو.

بادام جو تيل: ان تيل ۾ موجود سڻڀ چپن کي هائڊريٽ ڪندو آهي ۽ خشڪي کان ڇوٽڪارو ڏياريندو آهي جيڪا داغن جو سبب بنبي آهي.بادام جي تيل ۾ ٿوريون بليچنگ خاصيتون به هونديون آههن جيڪي داغن کي گھٽ ڪري سگھن ٿيون.

صاف آڱرين سان چپن تي تيل جي مالش ڪريو. ان کي سڄي رات لڳل رهڻ ڏيو. چپن تي ڪارن داغن لاءِ ٻه ڦرا ليمي جي رس ۽ 2 ڦڙا ماکي کي مڪس ڪريو ۽ چپن جي داغن تي لڳايو. تقريبن 10 منٽن تائينئ خشڪ ٿيڻ ڏيو ۽ پوءِ ڌوئي ڇڏيو.

چپن تان ڪارن داغن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڏاڙهون جو استعمال ڪريو: هڪ چمچو ڏاڙهونءَ جا ٻج ٿورو گلاب جو پاڻي يا کير جي ڪريم کڻو. ڏاڙهن جي ٻجن کي ميش ڪريو ۽ ان ۾ گلاب جو پاڻي ملائي سٺي طرح مڪس ڪري وٺو ۽ پوءِ چپن تي لڳائي ڇڏيو.

شگر اسڪرب: هڪ چمچو کنڊ ۾ ليمي جا ڪجه ڦڙا وجهي ان کي چپن تي هوريا هوريا مساج ڪريو. ٽن کان چئن منٽن تائين اسڪرب ڪندا رهو ۽ پوءِ ڌوئي ڇڏيو.

ان عمل کي هفتي ٻه يا ٽي ڀيرا ورجايو. کنڊ جو اسڪرب چپن جي ڪارن داغن ۽ مُئل خلين کي هٽائي ڇڏيندو ۽ چپ گلابي ۽ تازا نظر ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.